شري گرونانڪ صاحب گردوارو، ڪشمور

شري گرونانڪ صاحب گردوارو، ڪشمور

شري گرونانڪ صاحب گردوارو ڪشمور

شري گرونانڪ صاحب گردوارو، ڪشمور: سکن جو هي عاليشان گردوارو ڪشمور (ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ) جي وڏي ڪنڊ محلي ۾ سکن جي مرڪزي عبادتگاهه آهي. هن گردواري سان ‘گرونانڪ سنگهه سڀا پاڪستان’ نالي هڪ تنظيم پڻ واڳيل آهي، جنهن جو ڪاروهنوار هڪ انتظامي ڪاميٽي هلائيندي آهي ۽ الڳ هڪ شيواڌاري به مقرر آهي، جيڪو ان جي سنڀال ڪندو آهي.
سفيد رنگ جي هيءَ عمارت تعمير سازيءَ جو نادر نمونو آهي. هي ٻه منزله عمارت مٿاهينءَ تي آهي، جنهن جي مهڙ ۾ ٽي دروازا نصب ٿيل آهن، وچيون مرڪزي دروازو باقي ٻن دروازن کان ويڪر ۾ وڏو آهي، ٻي منزل جي مهڙ ۾ ۽ پاسن وارين ديوارن مان هر هڪ تي 5 ونگائون ڳڙکيون ٺهيل آهن، سامهون وارين ڳڙکين جي پاسي ۾ گرمکي لپيءَ ۾ گروگرنٿ صاحب جا شلوڪ ڪتبن جي صورت نصب ٿيل آهن ۽ مٿئين طرف ٻنهي ڪنڊن ۽ انهن جي پاسن ۾ سک مت جا علامتي نشان پڻ واضح آهن. ٻنهي ماڙين جي ٻيڙ ٻنن تي ڇڄا ٻاهر نڪتل آهن، مٿينءَ ماڙ جي ٻيڙٻني جي ڪنڊن وٽ برجيون ٺهيل آهن. جن تي ننڍڙو ڪلسو ڏنل آهي. وچ تي هڪ ڪمرو ٺهيل آهي، جنهن جو در ٻيڙ ٻني وٽ آهي ٻيو در ان جي سامهون آهي. ڇت گنبذ واري آهي، ان جي مٿان ڪلسو ڏنل آهي. ان جي ٻنهي پاسن کان ننڍڙي ڄاري دار ڀت آهي. جنهن تي هر پاسي 4 عدد گنبذڙيون ٺهيل آهن. عمارت ۾ داخل ٿيڻ لاءِ 6-7 ڏاڪا آهن، جن جي هڪ طرف اسٽور نما ڪمرو ۽ ٻئي طرف ٿلهو آهي. دڪي، ڪمري ۽ ڏاڪڻ وارين ديوارن تي نيري۽ پيلاڻ مائل رنگ جي بارڊر سان سفيد رنگ جا ٽائيلس لڳل آهن. اندر هڪ وڏو هال آهي، جنهن جي ٻنهي پاسن کان اندرئين طرف وڌاوڙو ڏنل آهي. هال جي انتهائي ديوار وارو حصو گروگرنٿ صاحب جي پاٺ ۽ احترام لاءِ مخصوص آهي، جتي منبر نما ٿلهو ۽ ان مٿان ڇٽي تعمير ٿيل آهي. هال جي اندرين ڇت تي فارسينگ سان آرائش ۽ زيبائش ٿيل آهي. عمارت جي سامهون ميدان جي وچ تي سک مت جي علامتي نشان سان ٽڪنڊو جهنڊو نصب ٿيل آهي. ساڳي قسم جو هڪ جهنڊو عمارت جي مٿان پڻ نصب ٿيل آهي. گردواري جي مرڪزي دروازي ۾ ڪاٺ جو تمام خوبصورت در لڳل آهي. گردواري جي حالت سٺي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو